تفسير سورة السجده

تفسير سورة السجده: هن تفسير جو قلمي نسخو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڪتبخاني جي زينت بڻيل آهي. ”سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي“ ۾ هن تفسير جو جيڪو مختصر تعارف ڏنو ويو آهي، تنهن ۾ مصنف جي باري ۾ ڪابه ڄاڻ ڏنل نه آهي. البت آخري صفحي جي عڪس جي آڌار تي ڪاتب جو نالو محمدي بن مرحوم ميان حيدر عرف آگره ۽ ڪتاب جو سن 1272هه بمطابق 1854ع ڄاڻايل آهي. تفسير ۾ نظم جو جيڪو انداز اختيار ڪيو ويو آهي، تنهن مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته هيءُ تفسير ڪلهوڙا دور جي ڪنهن بلند مرتبي واري عالم جو تصنيف ڪيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو